بدقسمتي سان اڄ اسان جو ڏينهن نه هو :عامر خان جو ويرات ڪوهلي لاءِ پيغام

 

ممبئي: (شوبز نيوز) نيوزيلينڊ جي هٿان ورلڊ ڪپ ۾ شڪست کان پوءِ بالي ووڊ جي اداڪار عامر خان ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي نالي پيغام لکيو آهي.نيوزيلينڊ هٿان شڪست ۽ ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿيڻ تي جتي سمورو ڀارت افسوس ڪري رهيو آهي اتي بالي ووڊ جو عامر خان به ڀارتي ڪپتان ڪوهلي کي ٽوئٽر تي دلاسو ڏيندي  لکيو آهي ته بدقسمتي سان اڄ اسان جو ڏينهن نه هو. عامر خان لکيو آهي ته  منهنجي لاءِ انڊيا پهريان ئي ورلڊ ڪپ کٽي چڪو هو جڏهن هن رينڪنگ چارٽ تي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي.عامر خان ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته منهنجي خواهش هئي ته ميچ جي دوران  برسات نه ٿئي. پر نتيجو مختلف آيو آهي. پر ڪا ڳالهه ناهي. اوهان سڀني سٺي راند کيڏي. مون کي انڊيا جي ٽيم تي فخر آهي. ياد رهي ته نيوزيلينڊ ڀارت کي  کٽڻ جي لاءِ 240 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو جنهن کي پورو ڪرڻ دوران  سموري ٽيم 221 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ انڊيا کي  ميچ ۾ 19 رنسن تان شڪست ملي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *