ڪراچي جي اسٽيڪ هولڊرن جو اجلاس، پاڻي مسئلي جي حل لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي مسئلي تي غور لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسٽيڪ هولڊرن جي ڊگهي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.  ڪانفرنس ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر، ڪمشنر ڪراچي، سياسي پارٽين جي اڳواڻن، واپاري اڳواڻن کانسواءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.  اجلاس کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن جا نمائندا شامل هوندا ۽ ڪميٽي هر 15 ڏينهن کانپوءِ ملاقات ڪندي جيڪا پاڻي جي ليڪيج، پاڻي چوري ۽ ورهاست کي مانيٽر ڪندي.  هن چيو ته 250 بلين رپيه گهرجن جنهن لاءِ ورلڊ بئنڪ سان ڳالهائي رهيا آهيون ۽ جڏهن ورلڊ بئنڪ سان ڳالهايون ٿا ته هو چون ٿا ته پهريون ڪي ڊبليو ايس بي کي پهريون ٺيڪ ڪيو، ڪي ڊبليو ايس بي کي ٻيهر تيار ڪيو ته جيئن جيڪو اسان قرض ڏيون اهو واپس به ٿي سگهي.  مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم چيو ته واٽر بورڊ کي مسئلن جو حل ٻڌائڻ گهرجي، اهي مسئلا رات وچ ۾ پيدا نه ٿيا آهن، جيئن آبادي وڌي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي وئي.  ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جو حل وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن جي کاتي وٽ آهي، پاڻي جي چوري اهم مسئلو آهي، جنهن کي روڪڻي پوندو. ڪي فور منصوبي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اسد ضامن چيو ته  ڪي فور جو روٽ 2007ع ۾ تيار ڪيو ويو، ان روٽ جي سليڪشن جي بنيادن تي فزيبلٽي تيار ڪئي وئي. هاڻي 25 بلين رپين ۾ اها رٿ تيار ڪرڻ ممڪن ناهي.  تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته واٽر بورڊ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڻي چوري خلاف سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اسان ڪي فور فنڊن لاءِ وفاق وٽ وڃڻ لاءِ تيار آهيون.  جي ڊي اي اڳواڻ نصرت سحر عباسي چيو ته گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس کي اڄ طلب ئي نه ڪيو ويو، ڪنهن اسان کي دعوت ئي نه ڏني.اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر  مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ اڄ اسٽيڪ هولڊر ڪانفرنس ڪوٺائي اسٽيڪ هولڊر ڪانفرنس جو مقصد پاڻي جي مسئلي جو پائيدار حل تلاش ڪرڻ هو ان لاءِ اسان کي مقامي حڪومت سان گڏو گڏ وفاق جو تعاون به گهرجي ڪانفرنس ۾ سياسي جماعتن سان گڏوگڏ تاجر برادري جي نمائندا به شريڪ هئا. جنهن ۾ واٽر بورڊ ۽ ڪي فور جي نمائندن بريفنگ ڏني. اها ڳالهه هن پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ ڪوٺايل اسٽيڪ هولڊر ڪانفرنس کانپوءِ صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪئي. ان موقعي تي هن سان گڏ بلديات وارو صوبائي وزير سعيد غني پڻ موجود هو صلاحڪار اطلاعات ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه تاريخ ۾ پهريون ڀيرو واٽر بورڊ جي عملي سمورين سياسي جماعتن صحافين ۽ تاجرن کي گڏ ويهاريو ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ موجود پاڻي ۽ گهربل پاڻي جي تفصيل ٻڌائي آهي پي ڊي ڪي فور به بريفنگ ڏني آهي هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ سنڌ جي وزيراعلي بريف ڪيو ته منصوبي جي لاڳت ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي جڏهن ته نيسپاڪ جي ذريعي ٿرڊ پارٽي کي آڊٽ به ڪيو پيو وڃي سنڌ جي وزيراعلي واضح ڪيو ته 30 ڏينهن اندر هڪ ميٽنگ ٻيهر گهرائي ويندي جڏهن ته بلديات واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي به جوڙي وئي جيڪا 15 ڏينهن جي اندر صورتحال جو جائزو وٺندي ۽ سڀن سان مشورو ڪري پاڻي ورهائڻ کي بهتر ڪيو وڃي هن چيو ته اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته واٽر بورڊ جي بل جي ادائيگي وقت تي ڪرڻ لاءِ عوام ۾ شعور اڄاگر ڪيو وڃي سنڌ جي وزيراعلي خوشخبري ڏني ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪم جاري آهي جنهن کانپوءِ وڌيڪ 8 ايم جي ڊي پاڻي ملندو ڪراچي لاءِ واڌارو پاڻي وٺڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر ڪوشش ڪندا ڪراچي کي 650 ايم جي ڊي وڌيڪ پاڻي جي ضرورت آهي هن چيو ته اسان سڀني جي سامهون حقيتون رکڻ چاهيون پيا 44 سيڪڙو پاڻي جي انصاف سان ورهاست ڪميٽي جي مشوري سان ٿيندي هن چيو ته اسان جي وفاق کي گذارش آهي ته پاڻي جي اسڪيم جيڪا ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان بڻائي وئي آهي وفاق ان ايڪنڪ اجلاس ۾ منظوري ۾ تعاون ڪري مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته اڄ جي اجلاس ۾ هر ڪنهن بهتر رويو رکيو گورنر سنڌ جو آئيني رول آهي انتظامي ڪو رول نه آهي هن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ضروري ڪون هئي پر پي ٽي آئي جي فردوس شميم وفد سان گڏ موجود مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم ڪيو ايم ٻاهر نڪري ڪري ڪانفرنس کي ناڪام چئي رهي آهي ته اها سٺي ڳالهه ناهي ايم ڪيو ايم اهو چئي رهي آهي ته ڪانفرنس هنن جي زور تي ڪئي وئي آهي ته هنن کي چوڻ ڏيو اگر انهن جي چوڻ يا زور تي ڪانفرنس ڪئي وئي آهي ته اها به هڪ ذميداري آهي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي دوستن احتجاج جي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي هنن چيو ته اسان سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون پر ان معاملي تي سياست نه ڪئي وڃي مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي 406 ايم جي ڊي ضرورت کان اڌ 44 سيڪڙو پاڻي ملي رهيو آهي ۽ ڪراچي جي ضرورت جو اڌ پاڻي دستياب آهي ڪانفرنس ۾ پاڻي جي ورهاست انفرااسٽرڪچر کي ٻيهر بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته اهو پهريون ۽ آخري اجلاس نه هو مهيني ۾ ٻه ڀيرا اجلاس گهرايو ويندو حن وڌيڪ ٻڌايو ته اجلاس ۾ شرڪٽ ڪندڙن اتفاق ڪيو ته وفاق کان حب پاور پلانٽ مان 20 ميگاواٽ اضافي بجلي گهري ويندي ۽ ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سمورا شريڪ سنجيده اهن ڇو ته پاڻي جو مسئلو سياسي نه پر انساني آهي ان لاءِ سڀ ڪردار ادا ڪندا هن چيو ته وزيراعلي وفاق ۾ حڪرانن کي تجويز ڏني آهي ته حب کي ڪي 1320 ميگاواٽ بجلي ڄامشورو پاور پلانت ويندي آهي اها ڪراچي کي ڏني وڃي صلاحڪار اطلاعات چيو ته ڪي فور جي باري ۾ هڪ منفي تاثر ڏنو ويندو هو اهو اڄ ختم ٿي ويو نيسپاڪ جي رپورٽ ۽ تجويز تي عمل ڪيو ويندو 100 ايم جي ڊي تي ڪم تڪميل جي مرحلي ۾ آهي ڪي فور مڪمل ٿيڻ تائين ننڍا ننڍا منصوبا آڻي رهيا آهيون جنهن سان پاڻي جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي وفاق کي ڪي فور لاءِ 650 ايمجھي ڊي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي هوندي واٽر بورڊ جي بهتري لاءِ هڪ ارب ڊالر جي رقم گهربل اهي ايتري رقم ملي وڃي ته اداري جي ري هيبليشن ٿي سگهي ٿي سنڌ حڪومت واٽر بورد جي لاءِ 28 نئين اسڪيمن لاءِ پئسا رکيا آهن اسان وٽ جيترا وسيلا آهن انهن کي استعمال ڪيو پيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *