ڏڪاريل ٿر ۾ ٻارن تي موت جو رقص جاري، مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير)ڏڪاريل ٿر ۾ ٻارن تي موت جو رقص جاري آهي،مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا،مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا آھن،جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 53 ۽ هلندڙ سال 389 ٿي ويو آھي،جڏھن ته رڳو مٺي سول اسپتال ۾ 80 ٻارڙا علاج هيٺ داخل ٻڌايا وڃن ٿا،سول اسپتال ۾ تازو فوت ٿيل 5 ٻارن ۾ ڪرن ڀيل،يامين جوڻيجو،وينجهو ڀيل ۽ پونو مل ميگهواڙ جا 4 تازا ڄاول ٻار ۽ 4 سالن جي ٻارڙي ذڪريه ھنڱورجو شامل آھن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *