پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي: ورلڊ بئنڪ

ڪراچي (م.ڊ) ورلڊ بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جو عرصو مڪمل ٿيڻ باوجود ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، نشاندهي ڪيل ڪمزوريون ختم ڪري 2047ع
تائين صورتحال بهتر بڻائي سگهجي ٿي. ان سلسلي ۾ ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ۾ سماجي ۽ اقتصادي صورتحال تي چيو ويو آهي ته مني صدي گذرڻ باوجود پاڪستان ۾ موجود سڀني طبقن لاءِ سماجي استحڪام ۽ خوشحالي جو پروگرام موجود ناهي. موقعن جي اڻبرابري، جيڪو سماج اسين جوڙڻ چاهيون ٿا ۽ جيڪو موجود آهي، ان ۾ وڏو گيپ موجود آهي، جنهن سبب ماڻهن جو هڪ وڏو انگ معاشي ترقي کان محروم بڻيل آهي. رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ان اڻبرابري جي خاتمي پوئتي پيل ۽ ڪمزور طبقن کي اڳتي آڻڻ لاءِ وڏي جاکوڙ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ موقعن جي برابري هجي، جڏهن ته سماجي رڪاوٽن جو خاتمو آڻي، ڪٽيل طبقن کي سماجي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي. ان لاءِ ضلعي، صوبي ۽ ملڪ سطح تي ڪوششون وٺڻ گهرجن. اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق کان صوبن ۽ صوبن کان ضلعن تائين فنڊ منتقل ڪري احتساب جو نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي، ايئن انفرااسٽرڪچر بهتر ڪرڻ ۽ عوام کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ سان گڏ استادن ۽ هيلٿ ورڪرن جي تربيت ڏيڻ وارو طريقيڪار تبديل ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ ۾ جنسي، نسلي ۽ مذهبي اڻبرابري جي موجودگي جي نشاندهي ڪندي قانوني سڌارا آڻڻ تي زور ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنسي، نسلي، مذهبي اڻبرابري سميت هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندڙ روايتون موجوده پاور اسٽرڪچر ۽ سماجي ريتن رسمن تي بيٺل آهن، تن کي چئلينج ڪرڻو پوندو. رپورٽ مطابق قانون سازي ۾ سياست ۾ عورتن ۽ اقليتن جي وڌيڪ شموليت جي ضرورت آهي. اسڪول سطح تي ٻارڙن کي لائيف اسڪلز سيکارڻ ۽ ڇوڪرين کي وڌيڪ اسپيس ڏيڻ جا پروگرام شروع ڪيا وڃن، جنهن سان روين ۾ تبديلي ايندي.آبادي جي پوئتي پيل طبقن جي شموليت ۽ غربت جي خاتمي لاءِ پروگرام ۽ پاليسيون جوڙيون وڃن، جن ۾ اسڪول ۾ ٻارن جي داخلا وڌائڻ، ماءُ جي صحت، ٻارن لاءِ نيوٽريشن پروگرام، هنري سکيا، ماحوليات سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ جهڙا پروگرام شامل هجن. ورلڊ بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته مٿين سطح تي چند ماڻهن جي ڪرپشن پاليسي سازي تي اثرانداز ٿي آهي، سياستدانن ۾ عوام جي گهرجن پٽاندڙ پاليسيون جوڙڻ ۽ پاليسين تي عمل ڪرائڻ جي اهليت ناهي. ڪجهه ئي خاندانن جي حڪمراني آهي، جيڪا اقتدار کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري ٿي، گذريل 20 سالن ۾ ڪجهه به بدليو ناهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بيورو ڪريسي ملڪ جي ٺهڻ شرط ئي سياسي لاهن چاڙهن دوران مچي مواڙ ٿي، جيڪا اڄ به پنهنجو اثر رکي ٿي. جڏهن ته هندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ زمين جي غيرمنصفاڻي ورڇ ٿي، جنهن کانپوءِ زرعي سڌارا نه آيا آهن، نه ئي زميندار دوست زرعي نظام تبديل ٿي سگهيو آهي. وڏن زميندارن مان ڪيترائي سياست ۾ ويٺل آهن، 1950ع ۾ معاشي اڀار ۽ ان کانپوءِ وارين پاليسي واپاري طبقي کي وڏو فائدو ڏنو آهي، اهي پنهنجي معاشي طاقت پاليسين تي اثرنداز ڪن ٿا. ايوب خان جي دور ۾ آمريت شروع ٿي، جنهن جو اڄ تائين سويلين ادارن تي اثر برقرار آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2047ع تائين انهن ڳالهين تي ڌيان ڌيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي صورتحال بهتر ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *