پاليڪيلي (اسپورٽس نيوز)سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجين ون ڊي ميچ (اڄ) اربع تي ڪاليپيلي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي پيئي وڃي. ميزبان ٽيم سريلنڪا کي ست ميچن جي سيريز ۾ 1-3 جي سرسي حاصل آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ڇهين ون ڊي ميچ 13 ڊسمبر تي پاليڪيلي جڏهن ته ستين ۽ آخري ون ڊي ميچ 16 ڊسمبر تي آرپريماداسا اسٽيديم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي.