بلاول ڀٽو زرداري سان ٺاهه جي دعويٰ تنقيد ڪندڙ اِهو ناهن سوچي رهيا آهن ته اسان کي لٽيل پاڪستان ڏنو ويو: شيخ رشيد

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته هن بلاول ڀٽو زرداري سان ٺاهه ڪري ورتو آهي. فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته تنقيد ڪندڙ اِهو ناهن سوچي رهيا آهن ته اسان کي لٽيل پاڪستان ڏنو ويو، عوام کي بجلي ۽ گيس ۾ مار آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪري کائڻي پئي، ڪيترائي ماڻهو آمريڪي صدر وٽ ويندا ته ڪاغذ تي لکيل پاس رکندا هئا، عمران خان ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، هن جي پاليسين کي عالمي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي. 2019ع ۾ عمران خان قوم کي ڏکيائين مان ڪڍندو. ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته غريب ماڻهو جي ڪيترن ئي سالن تائين ضمانت ناهي ٿيندي، پاڪستان ۾ وڏي ماڻهو کي گرفتار ناهي ڪيو ويندو، اقتدار ختم ٿيڻ بعد هي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، هي پڪڙجندا آهن ته مردن جيان ڪري پوندا آهن، وڏن چورن کي آئين ۽ قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ ننڍن چورن کي به آزاد ڪيو وڃي. شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته اسپيڪر روزاني شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪندو آهي، مون کي خبر آهي ته پروڊڪشن آرڊر ڇو جاري ڪيا ويندا آهن، ان معاملي تي عمران خان جي دوستي جي ڪري چپ آهيان، جنهن ڏينهن مون ڳالهايو ته ڳالهه پري پري تائين ويندي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *