آپريشن رد الفساد، سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آپريشن رد الفساد تحت ڪيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ سڪيورٽي فورسز ڪي پي ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي ناڪام بڻائي ڇڏي.  آءِ ايس پي آر موجب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڏکڻ وزيرستان ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي گل ڪچ ۾ دهشتگردن جي هڪ ٿاڪ تي ڪيو ويو. فورسز کي ڏسي ڳجهي ٿاڪ ۾ لڪل دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ ويجهن پهاڙن ۾ لڪي ويا. سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ۽ فائرنگ جي شديد ڏي وٺ ۾ سمورا دهشتگرد مارجي ويا. ڪارروائي ۾ سمال مشين گنون، هينڊ گرنيڊز، مواصلاتي اوزار ۽ مقامي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي. مارجي ويل دهشتگردن وٽان سڃاڻپ ڪارڊن کانسواءِ تحريڪ طالبان پاڪستان جا ڪارڊ به مليا آهن، ان ڳالهه جو پتو لڳايو پيو وڃي ته دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي ۽ ڪنهن سان واسطو آهي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *