رنوير سنگھه شادي ۾ اڌ ڪلاڪ جي شرڪت عيوض 2 ڪروڙ رپين جي آڇ رد ڪري ڇڏي

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار رنوير سنگھه شادي ۾ اڌ ڪلاڪ جي شرڪت عيوض 2 ڪروڙ رپين جي آڇ رد ڪري ڇڏي. بالي ووڊ ۾ فلم ”بينڊ باجا بارات“ سان ڊيبيو ڪندڙ اداڪار رنوير سنگھه کي انڊسٽري جو سڀ کان شرارتي اداڪار سمجھيو ويندو آهي جنهن فلم ”رام ليلا“ ۽ ”باجي راءُ مستاني“ جهڙين فلمن ۾ حقيقي اداڪاري کان گھٽ وقت ۾ مداحن سميت نالي وارنن فلمسازن کي پنهنجو ديوانو ڪري ڇڏيو. هن فلم ”پدماوت“ ۾ پنهنجي اداڪاري سان اهڙو جادو جاڳايو جو بالي ووڊ جي مهانگن اداڪارن جي لسٽ ۾ شامل ٿي فلم فلمسازن جي پهرين ترجيح بڻجي ويو ۽ هاڻي خبر سامهون آئي آهي ته رنوير سنگھه شادي جي هڪ تقريب ۾ اڌ ڪلاڪ جي شرڪت عيوض ٻه ڪروڙ رپين جي آڇ رد ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب رنوير سنگھه آڇ رد ڪرڻ جو سبب ٻُڌايو ته آئون فلم جي شوٽنگ دوران پنهنجو سمورو ڌيان ٻي آڇ بدران پنهنجي ڪردار کي بهتر بڻائڻ تي رکندو آهيان. رنوير سنگھه جي ويجھي ذريعن جو چوڻ آهي ته رنوير هڪ باڪمال شخص آهي جيڪو شوٽنگ دوران پنهنجو سمورو ڌيان رڳو شوٽنگ تي ڏيندو آهي ۽ هو هن وقت فلم “گلي بواءِ” جي شوٽنگ ۾ صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين مصروف رهندو آهي ان دوران هو مختلف شهرن جو سفر به ڪندو آهي پوءِ واپس اچي فلم جي سيٽ تي رپورٽ ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *