دنگل اسٽارز زائره وسيم کي حراسان ڪندڙ شخص گرفتار

ممبئي  (شوبز نيوز) مشهور باليوڊ اداڪاره زائرا وسيم سان جھاز ۾ هٿچراند ڪرڻ ۽  کيس جنسي طور حراسان ڪندڙ شخص ممبئي مان گ رفتار ڪيو ويو، فلم دنگل ۾ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪندڙ 17 سالن جي مشهور باليوڊ اداڪارا زائرا وسيم جي گذريل ڏينهن منظر عام تي آيل ويڊيو سوشل ميڊيا تي ڦهلجي وئي جنهن ۾ هن جھاز ۾ پاڻ سان ٿيندڙ ڪڌي عمل جو تفصيل روئي ٻڌايو هو ويڊيو ذريعي زائرا پنهنجي پويان ويٺل شخص جي حرڪتن جي بابت ٻڌائيندي چيو ته جڏهن هو ستل هئي ته  ان شخص کيس جنسي طور تي حراسان ڪيو ۽ ان سان هٿ چراند ڪئي جڏهن ان ان جي شڪايت  جھاز جي عملي کي ڏني ته انهن ان شئي جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو آخرڪار هن پاڻ ٿيندڙ غلط ورتاءَ جو ويڊيو ٺاهڻ تي مجبور ٿي   پئي ، هن ويڊيو جي منظر عام تي اچڻ سان ايئرلائين انتظاميا ۽ پوليس حرڪت ۾ اچي وئي هئي ۽ زائرا کي پريشان ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، کيس پريشان ڪندڙ شخص جو نالو ويڪاش سچ ديو آهي هو ۽ وڏو بزنس مين آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *