ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري جوڙي اداڪاره جيليا ڊي سوز ۽ اداڪار رتيش ديش مک جي گهر پُٽ جي پيدائش ٿي آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪاره جيليا ڊي سوز ۽ اداڪار رتيش ديش مک جي 2012ع ۾ شادي ٿي هئي. اداڪار اڀيشڪ سميت ڪيترن ئي فلمي شخصيتن ان جوڙي کي پٽ جي پيدائش تي مبارڪون ڏنيون اهن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ڄاڻايل جوڙي ڪيترن ئي فلمن ۾ گڏ ڪم پڻ ڪيو آهي