اداڪارا زارا اڪبر جو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي يوم تاسيس واري تقريب ۾ شرڪت کان انڪار

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا زارا اڪبر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي يوم تاسيس واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب  پيپلز ڪلچرل ونگ کي متحرڪ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ 30 نومبر تي بلاول ڀٽو زرداري جي لاهور آمد تي کيس فنڪارن سان به ملايو ويندو، جنهن جي لاءِ اداڪار خالد معين بٽ رابطن جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي، خالد معين زارا اڪبر سان رابطو ڪيو ۽ کيس دعوت ڏني پر هن معذرت ڪئي، زارا اڪبر جو چوڻ هو ته فيملي ڊگھي وقت کان پ پ سان لاڳاپيل رهي آهي، پاڻ به جيل ويس، پر پ پ جي حڪومت آئي ته هن ڪارڪنن کي نظر انداز ڪيو، جنهن ڪري هوءَ ڪيترائي مهينا اڳ پ پ کي ڇڏڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي تحريڪ انصاف جو حصو آهي، رحيم يارخان ۾ موجود زارا اڪبر جو چوڻ هو ته هوءَ لاهور واپسيءَ تي پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ اعلان ڪندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *