اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي جوڊو ٽيم جا 2 رانديگر ايندڙ مهيني جاپان ۾ ٿيندڙ گرينڊ سليم ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا. پاڪستان جوڊو فيڊريشن جي سيڪريٽري مسعود احمد خان مطابق گرينڊ سليم جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ 5 کان 7 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي، جنهن ۾ شاهه حسين شاهه ۽ وجاهت سرور پاڪستان جي نمائندگي ڪندا. هن چيو ته ان ايونٽ ۾ سموري دنيا جا رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. اهو ايونٽ سمورن رانديگرن لاءِ اهم آهي ڇو ته اولمپڪس کان اڳ ڪواليفڪيشن رائونڊ آهي. هن چيو ته ٻئي رانديگر باصلاحيت آهن ۽ اُميد آهي ته گرينڊ سليم ۾ قومي رانديگر شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظارو ڪندي رينڪنگ ۾ بهتري آڻيندا.