بالي ووڊ ڪنگ خان هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ خان هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو آهي سماجي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي ان جي مداحن جي تعداد هڪ ڪروڙ ٿي ويو آهي. بالي ووڊ جي بگ بي ۽ ڪنگ خان هاڻي برابر ٿي ويا آهن  جي ها سماجي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شاهه رخ خان جي مداحن جو تعداد هڪ ڪروڙ ٿي ويو ان کان اڳ ميتاڀ بچن جي مداحن جو تعداد به هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ هو. شاهه رخ خان ان موقعي تي خوشي جو اظهار ڪندي پنهنجي چاهيندڙن جو شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *