اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ عائشا گلالئي جي الزامن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي خاص اخلاقن واري ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نجي ٽي وي موجب اها ڪميٽي ايندڙ 2 ڏينهن ۾ قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته ان ۾ 13 حڪومتي ۽ 7 اپوزيشن جا ميمبر شامل هوندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته عائشا گلالئي ۽ عمران خان جو معاملو 20 رڪني ميمبرن ڏانهن ويندو، جڏهن ته ڪنهن ميمبر کي ٻئي ميمبر سان شڪايت جو معاملو اخلاقن واري ڪميٽي ڏسندي، اسپيڪر ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،ڪجهه ڏينهن اڳ اسميبلي جي اجلاس دوارن پ پ جي نفيسه شاهه مستقل ڪميٽي جي تجويز ڏني هئي، ياد رهي ته عائشا گلالئي ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين تي سخت الزام لڳائيندي چيو هو ته پي ٽي آءِ ۾ عورتن جي عزت محفوظ نه آهي.