جيڪو قائد پنهنجي ٻارن جو انگ درست نٿو ٻڌائي سگهي، اهو ڇا سچ ڳالهائيندو؟: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ميان صاحب هاڻي واهان جي روئڻ ڌوئڻ جو فائدو ناهي، جسقم ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت واري تقريب کي خطاب ڪندي مولا بخش چانڊيو چيو ته ميان صاحب اوهان اڪيلي ڪاميابي حاصل نٿا ڪري سگهو، اوهان کي پڇتاءُ ٿيندو، هن چيو ته عمران جي گهر جو معاملو ٿيو ته اسان جي قائد ان جي ذاتي زندگي بابت ڳالهه ڪرڻ کان منع ڪيو، بلاول اهو ته ناهي چيو ته خان صاحب اوهان پنهنجي ٻارن جو انگ ته ٻڌايو، هن چيو ته جيڪو قائد پنهنجي ٻارن جو انگ درست نٿو ٻڌائي سگهي، اهو ڇا سچ ڳالهائيندو؟، هن چيو ته خان صاحب قائد بڻجو قائد، پلي بواءِ نه بڻجو، خان صاحب لاءِ شرم جي ڳالهه آهي ته ٻارن جو انگ نٿو ٻڌائي سگهي، هن چيو ته اپوزيشن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جو ڪم خان صاحب ڪنهن کي ڏنو آهي، مولا بخش چانڊيو چيو ته خان صاحب اوهان ڪوشش ته ڪريو ها ته پارليامينٽ ۾ گڏيل اميدوار آڻيون ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *