تقريبن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، سلمان جي دعوت به پاڻ ٺڪرائي هئي: نواز الدين صديقي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي ناليواري اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته هن شوبز تقريبن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، ان لاءِ هاڻ مان مداحن کي ڪڏهن ڪڏهن منظر تي نظر ايندس. هڪ تقريب دوران نواز الدين صديقي کان سوال ڪيو ويو ته سلمان خان کيس پنهنجي تقريب ۾ ڇو نه گهرايو هو؟ جنهن تي جواب ڏيندي هن چيو ته سلمان خان مون کي گهرايو هو پر مان دعوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڇو ته مون کي تقريبن ۾ وڃڻ پسند ناهي، اتي بي چيني محسوس ٿيندي آهي ۽ طبيعت خراب ٿي ويندي آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *