ڀارت آسٽريليا کي چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

ڌرمشالا (اسپورٽس نيوز) ڀارت آسٽريليا کي چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي چئن ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. ڀارتي ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي سبب ميچ جو فيصلو چوٿين ڏينهن ئي ٿي ويو. آسٽريليا جو ڀارت کي سيريز ۾ شڪست ڏيڻ وارو خواب پورو نه ٿي سگهيو. آسٽريليا طرفان مليل 106 رنسن جو هدف ڀارتي ٽيم آساني سان 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. رويندرا اجي جديجه ميچ سان گڏ وگڏ پوري سيريز م شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ان کي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ميچ جي چويٿن ڏينهن ڀارتي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 87 رنسون گهربل هيون جيڪي ميزبان ٽيم 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ڪينگروز کي ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. ان ميچ ۾ ڪپتان ويرات ڪولهي جي جاءِ تي اجنڪيا راهاني کي ڪپتاني جي ذميواري سونپي وئي هئي ڇاڪاڻ ته هو ڌڪ لڳڻ سبب ميچ کان ٻاهر ٿي ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *