راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽر چڪلالا ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ پاڪ هوائي فوج جي سربراهه سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ عزم ڪري رکيو آهي، هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف هٿياربند فوج سان گڏ آهي، اسحاق ڊار چيو ته هٿياربند فوج جي ترقياتي ضرورتن کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو ويندو.