اسلام آباد(بيورو) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي مختلف منصوبن جي لاءِ 34 ارب رپين جو قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قرض جو پيسو خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ توانائي جي منصوبن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏنو ويندو. قرضي جي مدد سان خيبرپختونخواهه ۾ 1000 ننڍا آبي پلانٽ لڳايا ويندا جڏهن ته قرضي جي مدد سان 23 هزار اسڪولن کي بجلي ڏيڻ لاءِ شمسي توانائي جا پلانٽ به لڳايا ويندا. قرضي جو وڏو حصو خيبرپختونخواهه تي خرچ ٿيندو .