جلد سلمان خان بالي ووڊ ۾ بريڪ ٿرو ڏيڻ وارو، سلو ڀائي جي زندگي ۾ نئين ڇوڪري قدم رکي ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾ نون چهرن کي متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان مشهور آهي، جڏهن ته دبنگ خان جون ڪيترين ئي اداڪارائن سان لاڳاپن واريون خبرون پڻ ميڊيا جي سونهن بڻجنديون رهنديون آهن، جنهن جي حياتي ۾ هاڻ نئين سندري پير پائي ڇڏيو آهي. رپورٽن خوبصورت اداڪارا اروشي روٽيلا کي اڄڪلهه مختلف هنڌن تي سلمان خان سان گڏ ڏٺو پيو وڃي. ذريعن موجب سلمان خان تمام جلد اروشي روٽيلا کي بالي ووڊ ۾ وڏو بريڪ ٿرو ڏيڻ وارو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *