اسحاق ڊار کي ڏکڻ ايشيا جي بهترين ناڻي واري وزير جي ايوارڊ سان نوازي ويو، ايوارڊ پاڪستان ۽ قوم جي لاءِ اعزاز آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد/واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جليل عباس جيلاني ناڻي واري وزير اسحاق ڊار لاءِ ڏکڻ ايشيا جي بهترين ناڻي واري وزير جو ايوارڊ وصول ڪيو آهي. . ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستاني سفير اڀرندڙ معيشتن جي مئناڻي وارو وزير محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۾ مصروفيتن سبب آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو جنهن سبب پاڪستان جي سفير جليل عباس جيلاني ان پاران اهو فخرجوڳو ايوارڊ وصول ڪيوگزين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مئگزين پاڪستان جي ڪامياب اقتصادي ۽ معاشي پاليسن جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ي هدايت تي سندس قيادت ۾ پاڪستان جي اقتصادي ٽيم پاڪستان کي خطي جو اهم معاشي طاقتور ملڪ بنائڻ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي.  ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته  بهترين ناڻي واري وزير جو ايوارڊ پاڪستان ۽ قوم جي لاءِ اعزاز آهي، اقتصادي شعبي جي ترقيءَ لاءِ وڌيڪ محنت ڪنداسين. ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف طرفان بهترين ناڻي واري وزير جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسحاق ڊار چيو آهي ته گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي سان اقتصادي ڏهائين ۾ بهتري آئي آهي. اقتصادي لحاظ سان بهتري ڏانهن روان دوان آهيون ۽ وڌيڪ محنت ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ايل او سي تي ڇڪتاڻ تي اي پي سي ۽ گڏيل اجلاس سبب آمريڪا جو دورو رد ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *