عمران خان تڪڙ بدران 2018ع تائين انتظار ڪري: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد(م.ڊ) سُڌ سماءُ بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته  محرم الحرام دوران دهشتگردي جو خطرو موجود آهي، ان ڪري سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪري ڇڏيا آهن. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيي چيو ته ڪراچي جي علائقي عزيز آباد مان هٿيار هٿ اچڻ کانپوءِ لڳو ته ڪراچي جي حالت بيروت جهڙي آهي. هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ اچڻ معمولي ڳالهه ناهي. مولابخش چانڊيي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي گھڻي تڪڙ آهي، کيس ائين ن ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته عمران خان کي 2018ع تائين انتظار ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *