التوا جو شڪار پاناما ليڪ معاملو

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي پرڏيهه روانگي بعد سينيئر جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي،  حلف کڻڻ بعد  وقتي چيف جسٽس مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي ترڪي جي دوري کان واپسي بعد ئي  ٿيندو. وقتي چيف جسٽس طور پاناما ليڪس معاملي تي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو اختيار وٽس نه آهي، ان بابت فيصلو چيف جسٽس ئي ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي هڪ هفتي جي دوري تي ترڪي ويل آهي، جتي هو ترڪي جي سپريم ڪورٽ جي 54 هين سالگرهه جي موقعي تي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. حڪومت وزيراعظم نواز شريف جي خطاب بعد پاناما ليڪس معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ بابت چيف جسٽس کي خط لکيو هو.

قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي غير موجودگي ۾ وقتي چيف جسٽس به پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي سگهي ٿو پر ماضي ۾ اهڙو ڪو به مثال موجود نه آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي جسٽس دوست محمد کوسا چيو ته انڪوائري ڪميشن تي حڪومت ۽ اپوزيشن جو رويو هڪجهڙو ناهي، الزام لڳائيندڙ جيڪڏهن چور آهي ته ان خلاف به جاچ ٿيڻ گهرجي، پاناما ليڪس واري معاملي تي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو 20 ڪروڙ عوام جو آهي. انڪوائري ڪميشن جي ٽرم آف ريفرنسز جو دائرو حڪومت وسيع ڪيو آهي، الزام لڳائيندڙ جيڪڏهن چور آهي ته ان خلاف به جاچ ٿيڻ گهرجي. پاڪستان سڀ ڪجهه ڏنو آهي، انڪوائري ڪميشن تي حڪومت ۽ اپوزيشن جو رويو هڪجهڙو نه آهي.

ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف، اپوزيشن جو فرانزڪ آڊٽ وارو مطالبو به مڃي ورتو آهي، ڪميشن کي پرڏيهي آڊٽ فرم تائين پهچ لاءِ فنڊز به فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته ملڪ جي سمورن ادارن کي به ڪميشن جي مدد لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن وزيراعظم طرفان اعلانيل ڪميشن 1965 جي ايڪٽ تحت جوڙيو ويندو،. مليل ڄاڻ موجب وزيراعظم پاناما ليڪس جي دستاويزن جي جاچ بابت اپوزيشن پارٽين جو آخري مطالبو به مڃي ورتو آهي ۽ اعلانيل جوڊيشل ڪميشن کي  فرانزڪ آڊٽ جي به اجازت ڏني وئي آهي.جوڊيشل ڪميشن کي مڪمل آزادي ۽ خودمختياري ڏني وئي آهي، جنهن کي پرڏيهي آڊٽ فرم تائين پهچ ڏني ويندي ۽ فنڊز به فراهم ڪيا ويندا. حڪومتي ذريعن موجب ملڪ جي سمورن کاتن ۽ ادارن کي به ڪميشن جي مدد لاءِ هدايت ناما جاري ڪيا ويا آهن، ان کي جيڪي به دستاويز گهربل هوندا، شفاف نموني سان پهچ ممڪن بڻائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *