فيصل آباد (اسپورٽس نيوز) ملڪي ٽيم ۾ پروفيسر جي نالي سان سڃاتي ويندڙ بيٽسمين محمد حفيظ چيو ته آهي ته مان اڳوڻي ڪوچ وقار يونس طرفان ٽيم سان گڏجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ محنت ڪرڻ تي سندس ٿورائتو آهيان. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي ڪوچ کي خراج پيش ڪندي محمد حفيظ چيو ته وقار يونس سان ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن ٽيم لاءِ جيتري محنت ڪئي، ان تي سندس دلي طور ٿورا مڃان ٿو. محمد حفيظ، شاهد آفريدي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.27