رضا هارون جا به ايم ڪيو ايم کان رستا ڌار، مصطفيٰ ڪمال جي ڪيمپ ۾ شامل ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل اڳوڻو صوبائي وزير رضا هارون به مصطفيٰ ڪمال جي ڪيمپ ۾ شامل ٿي ويو، اڄ صبح اوچتو دبئي کان واپس ڪراچي پهتل رضا هارون اهڙو اعلان مصطفيٰ ڪمال جي گهر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن مصطفيٰ ڪمال سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ايم ڪيو ايم ڇڏڻ جو اعلان ڪندي قيادت کي ڇتي تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو، رضا هارون چيو ته جاگيرداراڻي ۽ وڏيرڪي سوچ خلاف جهاد جي بنياد تي ايم ڪيو ايم ٺاهي وئي پر هاڻ مون جهڙا ڪيترائي ماڻهو تنگ ٿي چڪا آهن، هن چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم ٺهي هئي ته خيال اهوئي هو ته اها عام ماڻهن جي حقن، مڊل ڪلاس جي حڪمراني ۽ جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندي پر اها پنهنجي مقصد تان هٽي وئي، هن چيو ته 18 هين ترميم لاءِ هر پارٽي پنهنجي ڳالهه مڃرائي پر ايم ڪيو ايم ڪجهه نه ڪيو ۽ وزيراعظم چونڊرائڻ ۾ لڳل رهي،سندس چوڻ هو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوٽا سسٽم ئي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ها پر مهاجريت کي ڪوٽا سسٽم سان ڳنڍيو ويو ۽ اسان جا مڊل ڪلاس سڀ ماڻهو اپر ڪلاس ٿي ويا، اسان اڻ ڳڻين حڪومتن ۾ رهياسين پر قومي وهڪري ۾ شامل نه ٿياسين، رضا هارون چيو ته بي بي سي ايم ڪيو ايم تي را کان مدد وٺڻ جو الزام مڙهيو، ڊاڪيومينٽري ٺاهي ۽ خبرون هلايون پر هڪ سال گذرڻ کانپوءِ به پارٽي ان خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، هن چيو ته بي بي سي خلاف ڪراچي ۾ احتجاج ٿيو پر لنڊن ۾ ان ڪري احتجاج نه ڪيو ويو جو اتي اعترافي بيان ڏنل آهي، جڏهن ته طارق مير جي اعترافي بيان ۾ رڳو 4 ماڻهن جو ذڪر آهي ، رات جو را کان مدد گهرڻ کانپوءِ توهان صبح جو صفايون ڏئي رهيا آهيو. ايم ڪيو ايم سربراهه جو نالو وٺڻ کانسواءِ ان ڏانهن اشارو ڪندي رضا هارون چيو ته ڪا اسيمبلي اهڙي ناهي ،جنهن ۾ سندس خلاف ٺهراءُ منظور نه ٿيو هجي، رضا هارون چيو ته ڪراچي ۾ مينڊيٽ جي ڳالهه ڪري خوش ٿيندڙ ياد رکن ته عوام ملڪي ادارن کي گارگند ڪرڻ، نيٽو فوج ۽ گڏيل قومن کي دعوت ڏيڻ جو مينڊيٽ ناهي ڏنو، جيڪڏهن مينڊيٽ ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته ان حوالي سان به ٻڌايو وڃي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *