سيوهڻ شريف: خانگي ريسٽ هائوس ۾ زيارت لاءِ آيل مسافر کي باهه وڪوڙي وئي،ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل

سيوهڻ شريف (رپورٽر)سيوهڻ شريف ۾ هڪ خانگي ريسٽ هائوس ۾ زيارت لاءِ آيل مسافر کي اچانڪ باهه وڪوڙي ويئي: 50 سيڪڙو جسم  سڙي ويو ۽ مسافر خاني جي ڪمري ۾ پيل ڪاٺ جو سامان به سڙي رک: سيوهڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مسافر جي جان بچائي ورتي: طبي امداد بعد مسافر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد روانو ڪيو ويو، خبر موجب سيوهڻ شريف ۾ ڪالهه رات دير سان ڌمال چونڪ وٽ موجود هڪ خانگي ريسٽ هائوس ۾ زيارت لاءِ آيل سيد فرزند حسين شاهه پٽ روزي شاهه کي ان مسافر خاني جي ڪمري ۾ اچانڪ باهه ان وقت وڪوڙي ويئي جڏهن هو نشي ۾ ڌت هجڻ وقت پنهنجي زال سان بدنظمي ڪري رهيو هو ته ريسٽ هائوس وارن کيس ڪمري ۾ بند ڪري پوليس کي اطلاع ڪيو سيوهڻ پوليس جي پهچڻ شرط ئي ڪمري مان باهه جو دونهون آيو ۽ پوليس مسافر کي باهه کان بچائي تعلقه اسپتال سيوهڻ پهچايو جتي ڊاڪٽرن مطابق سندس جسم 50 سيڪڙو سڙي چڪو آهي جنهن کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد روانو ڪيو ويو. مسافر خاني ۾ موجود اکين ڏٺن شاهدن سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ جي صحافين کي ٻڌايو ته هي واقعو رات جو دير سان پيش آيو آهي جنهن سبب مسافر خاني جي ڪمري ۾ پيل ڪاٺ جو سامان به سڙي رک ٿي ويو آهي. ۽ پوليس وقت تي پهچي متاثر جي جان بچائي ورتي آهي. سيوهڻ پوليس ڪوبه ڪيس وغيره داخل ناهي ڪيو جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر شخص نشي بعد سگريٽ پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته کيس باهه وڪوڙي ويئي. ياد رهي ته سيوهڻ جي خانگي ريسٽ هائوسن ۾ ههڙا ڪيترائي قتل، چوري، اغوا، منشيات وغيره جهڙا واقعات پيش ايندا رهيا آهن پر پوليس خاموش تماشآئي وارو ڪردار ادا ڪري سري عام ريسٽ هائوس جي مالڪن کان منٿلي اوڳاڙي ڪندي جرم ڪرڻ لاءِ کين لائيسنس ڏئي ڇڏيو آهي. جتي ڪيترائي اڻ وڻندڙ واقعا پيش ايندا رهندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *