(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن پنهنجي 41 هين سالگره ملهائي، ايشوريا راءِ پهرين نومبر 1973ع تي ڀارتي شهر منگلورو ۾ ڄائي، 1994ع ۾ هن مس ورلڊ جو اعزاز ماڻيو، ايشوريا فني ڪيريئر جي شروعات تامل فلم سان ڪئي ۽ 1997ع ۾ هن بالي ووڊ ۾ فلم ”اور پيار هو گيا“ سان انٽري ڏني، ايشوريا جي پهرين سپر هٽ فلم ”هم دل دي چڪي صنم“ هئي جنهن کان پوءِ اداڪارا فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪاميابين جا جھنڊا کوڙيا، ايشوريا جي ڪيريئر جي ڪامياب فلمن ۾ ”تال، ديوداس، جوڌا اڪبر، محبتين، ڌوم-2، گُرو“ ۽ ٻيون شامل آهن جڏهن ته هن بين الاقوامي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، ايشواريا کي سندس شاندار اداڪاريءَ تي ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا 2007ع ۾ مشهور بالي ووڊ ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي وڏ وَر پٽ اڀيشيڪ بچن سان شادي ڪئي.