سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن پنهنجي 41 هين سالگره ملهائي

(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن پنهنجي 41 هين سالگره ملهائي،  ايشوريا راءِ پهرين نومبر 1973ع تي ڀارتي شهر منگلورو ۾ ڄائي، 1994ع ۾ هن مس ورلڊ جو اعزاز ماڻيو، ايشوريا فني ڪيريئر جي شروعات تامل فلم سان ڪئي ۽ 1997ع ۾ هن بالي ووڊ ۾ فلم ”اور پيار هو گيا“ سان انٽري ڏني، ايشوريا جي پهرين سپر هٽ فلم ”هم دل دي چڪي صنم“ هئي جنهن کان پوءِ اداڪارا فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪاميابين جا جھنڊا کوڙيا، ايشوريا جي ڪيريئر جي ڪامياب فلمن ۾ ”تال، ديوداس، جوڌا اڪبر، محبتين، ڌوم-2، گُرو“ ۽ ٻيون شامل آهن جڏهن ته هن بين الاقوامي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، ايشواريا کي سندس شاندار اداڪاريءَ تي ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا 2007ع ۾ مشهور بالي ووڊ ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي وڏ وَر  پٽ اڀيشيڪ بچن سان شادي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *