ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ دبنگ سلمان خان کي پنهنجي اڳوڻي پريميڪا ڪترينا ڪيف جي فلمن جي لاڳيتو ناڪامي تي ڳڻتي ورائي وئي آهي ۽ هاڻ هن کيس پنهنجي پروڊڪشن هائوس جي فلمن ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ڪترينا ڪيف جي تازو رليز ٿيل فلم فتور ڏسندڙن کي گهڻو متاثر نه ڪري سگهي ۽ باڪس آفيس تي گهڻي ڪمائي ڪرڻ ۾ به ناڪام وئي آهي، جنهن کانپوءِ سندس ايندڙ ٻن فلمن جگا جاسوس ۽ بار بار ديکو جي ڪاميابي جي حوالي سان به شڪ پيدا ٿي ويا آهن،اهڙي صورتحال ۾ جتي ڪترينا لازمي طور پريشان ۽ مايوس هوندي، اتي سندس اڳوڻو پريمي سلمان خان ان کان وڌيڪ ڳڻتي ۾ آهي، ذريعن مطابق سلمان خان، ڪترينا ڪيف جو ڪيريئر بچائڻ ۽ کيس پريشاني مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي پروڊڪشن هائوس جي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته دبنگ خان پاڻ به ڪم ڪندو.