جنهن کي دوست بڻايان ٿي اهو ڀائرن وانگر ٻين سان ملڻ تي پابندي لڳائي ٿو: سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪارا سونم ڪپور جو چوڻ آهي ته ڀائرن سان گڏ تقريب ۾ وڃڻ مشڪل هوندو آهي.ڇو ته انهن جو حفاظتي رويو ڪڏهن ڪڏهن پريشان ڪري ٿو ڇڏي.فلم“نيرجا”جي مشهوري مهم جي هڪ تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سونم ڪپوي جو چوڻ هو ته مونکي پنهنجي ڀائرن جو حفاظت ڪرڻ وارو رويو ڏسي ڪڏهن ڪڏهن مشڪل ٿي ويندي آهي،سند س چوڻ هو ته ڪنهن به تقريب ۾ ڀائرن سان گڏ وڃڻ کانپوءِ گهٻرائيندي آهيان،ڪٿي جيهڙو نه ٿي پوي.سونم ڪپور جو چوڻ هو ته جنهن کي به دوست بڻايان ٿي اهو منهنجي ڀائرن جيان بڻجي وڃي ٿو ۽ ٻين سان ملڻ تي پابندي لڳائي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *