پي آءِ اي جو فلائيٽ آپريشن جذوي بحال،سعودي ۾ ڦاٿل 1450 پانڌيئڙا ڏيهه پهچي ويا

اسلام آباد/ راولپنڊي/ڪراچي (اسٽاف رپورٽر/مانيٽرنگ ڊيسڪ)پي آئي اي جون ٻه اڏامون جَدا کان پانڌئيڙن کي کڻي واپس اسلام آباد پهچي ويون آهن. تفصيل مطابق ٻنهي بوئنگ 777 جهازن ۾ 725 پانڌئيڙا واپس آيا. پي ڪي 7330 اڏام 400 عمرو ڪندڙ پانڌئيڙن کي کڻي اسلام آباد ائيرپورٽ تي پهتي،جڏهن ته پي ڪي 760 اڏام 325 عمري پانڌئيڙن کي کڻي اسلام آباد ائيرپورٽ پهتي.چيئرمين پي آئي اي،سيڪريٽري ايوي ايشن عمرو ڪندڙ پانڌئيڙن جي آجيان ڪئي. پي آءِ اي ملازمن احتجاج جاري رکندي قومي ايئر لائنز کي خانگائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ڇهن ڏينهن بعد جزوي طور فلائيٽ آپريشن بحال ڪيو ويو. حڪومت پي آءِ اي جو فلائيٽ آپريشن ڇهن ڏينهن کان پوءِ جزوي طور تي بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ٻئي پاسي جزوي طور تي قومي ايئر لائنز فلائيٽ آپريشن بحال ڪيو ويو آهي. قومي ايئرلائنز جا ٻه بوئنگ جهاز راولپنڊي جي بينظير ايئرپورٽ کان جده لاءِ روانا ٿيا، جتان هو سوين مسافرن کي کڻي ڏيهه پهچندا. پي آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جده ۽ گلت ويندڙ جهازن ۾ سمورو عملو پي آءِ اي جو هو، هن پي آءِ اي عملي کان مطالبو ڪيو ته هو غير مشروط طور تي فرض ٻيهر سنڀالين. هوڏانهن پي آءِ اي ملازمن ڇهين ڏينهن احتجاج جاري رکيو جنهن سبب فلائيٽ آپريشن بند رهيو. ملازمن جي احتجاج سبب ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، ڊيره اسماعيل خان، سکر. رحيم يار خان، ۽ ملتان سميت ملڪ جي ٻين هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن معطل رهيو. احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته جيستائين پي آءِ اي کي خانگائڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويندو سندن احتجاج جاري رهندو، جڏهن ته اڄ هو مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ گهر ڀاتين سميت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *