نواز شريف حڪومت نه پر بادشاهت ڪري پيو، نواز ليگ حڪومت پنجاب خلاف نفرت پکيڙي رهي آهي: عمران خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف حڪومت نه پر بادشاهت ڪري پيو، نواز ليگ حڪومت پنجاب خلاف نفرت پکيڙي رهي آهي، پي آءِ اي معاملو پارليامينٽ ۾ اچي ها ته ڊيڊ لاڪ پيدا نه ٿئي ها. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف جو عوامي منصوبن ۾ ذاتي مفاد هوندو آهي، ڊيزل تي 51 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي، وفاقي حڪومت عوام سان ظلم ڪري رهي آهي. عمران خان چيو ته اقتصادي راهداري پاڪستان لاءِ زبردست منصوبو آهي، وزيراعليٰ ڪي پي ڪي کي منصوبي بابت ٻڌايو ئي نه پيو وڃي. عمران خان چيو ته پي آءِ اي کي نقصان ٿي رهيو آهي، پر حڪومت کي ڪو فڪر ئي ناهي، حڪومت پي آءِ اي ملازمن سان ڳالهيون ڪري، پي آءِ اي وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اچي ها ته ڊيڊ لاڪ پيدا نه ٿئي ها. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وڌيڪ چيو ته نواز ليگ حڪومت پنجاب خلاف نفرتون پکيڙي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *