حيدرآباد (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيدقائم علي شاهه چيو آهي ته مخدوم امين فهيم جي وڇوڙي سان نه رڳو سروري جماعت پر ان سان گڏوگڏ پاڪستان پيپلزپارٽي گهري ڏک ۽ غم ۾ مبتلا آهي . مرحوم مخدوم امين فهيم وڏين خوبين جو مالڪ هو هو نه رڳو هڪ سياستدان هو پر اديب، شاعر ۽ نفيس شخصيت جو مالڪ پڻ هو جنهن ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي . هن چيو ته هو پارٽي جو وائيس چيئرمن هو پر سندس حيثيت پارٽي ۾ ان کان به وڌيڪ هئي. سومر ڏينهن هالا ۾ مرحوم مخدوم امين فهيم جي ٽيجهي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وڏي وزير چيو ته مخدوم امين فهيم سياست ، جمهوريت ۽ عوام جي حقن ۽ ڀٽو جي مشن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پ پ پ سان جهڙي طرح سندس والد مرحوم وفادار رهيو اهڙي طرح مرحوم امين فهيم به شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان مرڻ تائين وفاداري نڀائي. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد لاهور ۾ رکيو ويو پر ان جي واڌ ويجهه هالا ۾ ٿي . هن چيو ته مرحوم جي مخالفن طرفان کيس ڪيترائي ڀيرا وزير اعظم بڻائڻ جي آڇ ڪئي وئي جنهن کي هن پارٽي جي ڪري رد ڪيو . هو پنهنجي والد وانگر ثابت قدم رهيو ۽ ڪڏهن به ذاتي مفادن کي ترجيح نه ڏني ۽ هميشه پارٽي جي مفاد ۾ ڪم ڪيو. هن چيو ته مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي سان نه فقط پاڪستان پيپلزپارٽي پر سڄي ملڪ جو نقصان ٿيو آهي ۽ اهو خال صدين تائين ڀري نٿو سگهجي. هن چيو ته اميد آهي ته مخدوم صاحب جو ڪٽنب به پنهنجن بزرگن جي نقش قدم تي هلندي پ پ پ ۽ عوام جي حقن لاءِ نوجوان قيادت بلاول ڀٽو جا هٿ مضبوط ڪندا . ان کان اڳ هزارين مريدن ۽ سروري جماعت جي خليفن ۽ مختلف قومن جي سردارن جي موجودگي ۾ سروري جماعت جي 19 هين روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جي دستاربندي ڪئي وئي . ان موقعي تي ايم اين اي فريال ٽالپر ، نڌ اسيمبلي جو سپيڪر آغا سراج دراني ، چوڌري اعتزاز احسن، پنجاب جو اڳوڻو گورنر لطيف کوسا، پير مظهر الحق ، ميان منظور وٽو ، ڄام مدد علي ، ڄام معشوق علي ، ايم اين اي روشن جوڻيجو ، عبدالحئي بلوچ ، ڊاڪٽر سهراب سرڪي ، عرفان الله مروت ، صوبائي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو ، اصغر جوڻيجو ، ڊي سي مٽياري غلام مرتضيٰ شيخ ، ايس ايس، پي امجد شيخ ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون.