ڪوشش ڪنداسين ته ڪا به حڪومت پوليس ۾ مٽا سٽا نه ڪري سگهي: عمران خان

پشاور(پشاور) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٿاڻو جڏهن ظلم جو اڏو بڻجي وڃي ته عوام اعتماد ناهي ڪندو، پوليس کي غير سياسي ڪرڻ تائين مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن. سنڌ ۾ شايد ئي تحريڪ انصاف جو ڪو نمائندو هجي ،جنهن جي خلاف ايف آئي آر نه ڪٽيل هجي. ڪهڙي پارٽي آهي جنهن ۾ چونڊون کٽڻ لاءِ پوليس جو استعمال ڪيو ويندو آهي. پشاور جي سي ٽي ڊي هيڊ ڪواٽر ۾ پوليس رپورٽنگ روم جي چڪاس ۽ پوليس لائينز ۾ پبلڪ لائينز ڪميٽي جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته جڏهن پوليس کان پاڻ قانون ٽوڙايو وڃي ته پوليس به قانون ٽوڙيندي.پنجاب جو عوام ٿاڻن کان ڊنل آهي. ميانوالي جي چونڊن کان پهرين ايماندار ڊي پي او کي بدلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي پويان پئي ڊي پي او جي بدلي روڪرائي. پي ٽي آئي جي چئيرمين جو چوڻ هو ته اڄ خيبرپختونخوا جي اسڪولن ۾ 50 سيڪڙو بدران 90 سيڪڙو استاد حاضر آهن. سڀئي صوبا خيبرپختونخوا کان ئي سبق سکندا.عمران خان چيو ته هاڻي ماڻهن جا مسئلا انهن جي درن وٽ حل ٿيندا ۽ پوليس مدد ڪندي. پوليس ۾ ڀرتي لاءِ هاڻي گريجو ئيٽس اڳيان اچي رهيا آهن. پوليس کاتي ۾ اهڙيون تبديليون ڪري رهيا آهيون، جو ايندڙ حڪومت ڪنهن جي به هجي پر ان ۾ ڪا به مٽا سٽا نه ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *