نئين دهلي پوليس جي اڳوڻي ڪمشنر نائن اليون حملن ۾ انڊيا جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (م.ڊ) نئين دهلي پوليس جي اڳوڻي ڪمشنر نيرج ڪمار9-11 حملن  ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪندي چيو ته 9-11 حلمن جي فنڊنگ ڀارت مان ٿي هئي. ڀارتي ميڊيا مطابق نيرج ڪمار اهو انڪشاف هڪ انتها پسند کان ڪيل جاچ کانپوءِ ملندڙ ڄاڻ جي حوالي سان ڪيو آهي. نيرج ڪمار 2 سال اڳ نئين دهلي پوليس ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي جڏهن ته هو ڀارتي“سي بي آئي” ۾ به اهم عهدي  تي رهي چڪو آهي. هن انڪشاف ڪيو آهي ته 9-11 حملن لاءِ فنڊز هڪ ڪاروباري ماڻهو کي اغوا ڪري حاصل ڪئي وئي، جيڪا حملي جي ماسٽر مائينڊ محمد عطا تائين هڪ انتاه پسند عمر شِخ جي ذريعي پهچائي وئي هئي. عمر شِخ کي ڀارت 1999ع ۾ اڏام هائي جيڪنگ عيوض آزاد ڪيو ويو هو. عمر شيخ کي اهي پئسا هڪ انتها پسند آفتاب انصاري ڏنا هئي، جيڪو ڪلڪتا ۾ آمريڪن سينٽر تي حملن جو ذميوار آهي.نيرج جو چوڻ آهي ته اها سموري ڄاڻ کيس حرڪته المجهادين جي هڪ انتها پسند آصف رضاخان کان جاچ دوران ملي آهي.هن ٻڌايو ته آصف رضا خان جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هن جي باس آفتاب انصاري هڪ لک ڊالر جي رقم عمر شيخ هٿان “خادم شوز” جي مينيجنگ ڊائيريڪٽر، پرٿا پريتم رائي برمن کي اغوا ڪري حاصل ڪئي هئي. آفتاب انصاري کي آمريڪن سينٽر تي حملن جي الزام ۾ ڦاهيءَ جي ساز ٻڌائي وئي آهي ۽ هو اولهه بنگال جي هڪ جيل ۾ قيد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *