اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم ميان نواز شريف سان جماعت اسلامي جي وفد لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن طرفان ڏنل استعيفائن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم هائوس ۾ جماعت اسلامي جي وفد لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ڌرڻن بابت صورتحال غور ڪيو ويو ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي استعيفائن جو معاملو غور هيٺ آيو ان موقعي تي لياقت بلوچ جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن ڇو ته استعيفائن جي منظور سان ملڪ ۾ سياسي بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو.