ايم ڪيو ايم جي وفد سان نون صوبن بابت ڪابه ڳالهه ناهي ٿي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم هائوس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم جي ايم ڪيو ايم جي وفد سان نون صوبن بابت ڪابه ڳالهه ناهي ٿي ايم ڪيو ايم جي چار رڪني وفد گذريل ڏينهن خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي هئي جڏهن ته ان ملاقات کانپوءِ ميڊيا جي ڪجهه حلقن ۾ هي خبرون سامهون آيون هيون ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ مهاجر صوبو بڻائڻ لاءِ وزيراعظم کان حمايت گهري آهي جڏهن ته ان حوالي سان وزيراعظم هائوس جي ترجمان انهن خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم وفد ۽ وزيراعظم وچ ۾ صوبن جي حوالي سان ڪابه ڳالهه ناهي ٿي، ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ايجنڊي ۾ صرف چار نقطا هئا ۽ وفد صوبن جي حوالي سان يا ڪنهن به قسم جي سياسي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي جڏهن ته وفد ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي، لياري ايڪسپريس وي، سرڪلر ريلوي منصوبي ۾ دير تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته اسان جو هميشه موقف رهيو آهي ته صوبن جو معاملو پيچيده معاملو آهي ان لاءِ ان تي هڪ ڪميشن هئڻ گهرجي جيڪا سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي ڳالهه ۽ ان تي فيصلو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *