ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت حل ڪيو وڃي: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت حل ڪيو وڃي،اسلام آباد،نئين دهليءَ سان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪشمير تڪرار هڪ ڀيرو وري عالمي برادري آڏو اٿاريو آهي. مليحه لوڌي،عالمي برادري تي زور ڀريو ته ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي قراردادن جي روشنيءَ ۾ حل ڪرايو وڃي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان،ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جي حل لاءِ ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي،پر ڪشميري اڳواڻن کي شامل ڪرڻ کانسواءِ ڳالهين جي ڪاميابي ناممڪن آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت کي پاڪستان جي چار نقاطي ايجنڊا جو مثبت جواب ڏيڻ گهرجي ها، پر بدقسمتي سان ائين نه ٿي سگهيو. مليحه لوڌي جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان ڪردار ادا ڪندو رهندو،جڏهن ته فلسطين ۾ امن ڪوششن جي ناڪامي جو ذميوار اسرائيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *