اليڪشن ڪميشن ملڪيت جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي 272 پارليامينٽ جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن ملڪيت جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي 272 پارليامينٽ جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي. سردار يوسف، خرم دستگير، امين فهيم، خالد مقبول صديقي، شفقت محمود، مولانا خان شيراني، جمشيد دستي به انهن ۾ شامل آهن.اليڪشن ڪميشن ملڪيت جي تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي پارليامينٽ جي ميمبرن جي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي. ان ۾ قومي اسيمبلي جا62، سينيٽ جا 13، پنجاب اسيمبلي جا123، سنڌ جا 26، خيبرپختونخوا جا 39 ۽ بلوچستان جا9 ميمبر شامل آهن. ٽي وفاقي وزير سردار يوسف، خرم دستگير،پير امين الحسنات جي رڪنيت به ختم ڪري ڇڏي آهي. امين فهيم، ظفر اقبال جهگڙا، تاج حيدر، شفقت محمود، خالد مقبول صديقي، فروغ نسيم، شاهي سيد، راحيلا مگسي، جمشيد دستي، اويس لغاري، مولانا محمد خان شيراني، حاصل بزنجو به ملڪيت جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *