مخدوم امين فهيم سان آصف زرداري جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

لنڊن(م.ڊ) پ پ ڪو چيئرمين آصف زرداري مخدوم امين فهيم سان ملاقات ڪري ايندڙ مڪاني چونڊن سميت مختلف سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري لنڊن ۾ پ پ پارليامينٽرينز جي صدر مخدوم امين فهيم سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪرڻ سان گڏ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران ايندڙ مڪاني چونڊن سميت موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران روينيو واري صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، وڏي وزير جو صلاحڪار علي حسن هنڱورجو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *