لاهور(شوبز نيوز):مشهور گلوڪاره حديقا ڪياني چيو آهي ته پاڪستاني گلوڪار ڀارتي گلوڪارن کان باصلاحيت ۽ مقبول آهن پاڪستان جي چئني صوبن جي ٻولين ۾ گانا ڳائڻ تي فخر محسوس ڪيان ٿي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته شعبي سان لاڳاپيل ضرور ڪنهن نه ڪنهن گلوڪار کي پنهنجو آئيڊل مڃن ٿا ۽ هي واکاڻ جوڳو قدم آهي، نون ايندڙن کي ڪاميابي لاءِ موسيقي سان دلچسند رکندڙن جي رڳ تي هٿ رکي ان جي پسند مطابق ڪرڻو پوندو، بهتر ۽ سريلي موسيقي هميشه ڪامياب هوندي آهي