ايپڪس ڪميٽي سنڌ جو اجلاس، ڪراچي ۾ فيصلائتي آپريشن جو فيصلو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جِي ايپڪس ڪميٽيءَ، دهشتگردي جَي خاتمي لاءِ ڪراچي جَي سمورن ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس ۽ رينجرز جو چوڪيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف هدايت ڪئي آهي ته ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. ڪور هيڊ ڪوارٽرز ڪراچي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو خاص اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿيل اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جِي ايم آءِ، ڊي جي ايم او ۽ ڊي جِي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردي جَي خاتمي لاءِ ڪراچي جَي سمورن ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس۽ رينجرز جون چوڪيون قائم ڪيون وينديون. صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف تجويزن جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس دوران پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف، صفوران سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته دهشتگرد واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *