لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر سهيل خان تربيتي ڪيمپ جي دوران انجري ٿي پيو، جنهن کان پوءِ ان کي بنگلاديش جي دوري مان ڊروپ ڪيو ويو آهي، ميڊيا جي مطابق فاسٽ بالر بنگلاديش جي دوري لاءِ لڳايل تربيتي ڪيمپ جي چوٿين ڏينهن اوچتو چيلهه جي تڪليف ٿي، جنهن کان پوءِ ان کي ڪيمپ کان ٻاهر ويهاريو ويو، پي سي بي جي ذريعن مطابق سهيل خان انجري جي سبب بنگلاديش جي دوري ۾ قومي ٽيم جو حصو نه بڻجي سگهندو، جڏهن ته ان جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ جنيد خان کي شامل ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم 13 اپريل تي بنگلاديش روانو ٿيندي، جڏهن ته قومي ٽيم بنگلاديش جي دوري ۾ 3 ون ڊي، هڪ ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي.