ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق هالي ووڊ اداڪار جيڪي چين جو چوڻ هو ته فلم “ٿري ايڊيٽس” ۾ عامر خان جي اداڪاري ان کي تمام متاثر ڪيو، هو تمام گهٽ ڀارتي فلمون ڏسندو آهي، جڏهن ته “ٿري ايڊيٽس” هڪ اهڙي فلم آهي، جيڪا بالي ووڊ جي بهترين فلمن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ هي فلم ڏسي هو عامر خان جي اداڪاري جو قائل ٿي ويو آهي، جيڪي چين ٻڌايو ته فلم“ ٿري ايڊيٽس” کي هانگ ڪانگ ۾ به تمام شهرت ملي آهي.