نياڻيون شاديءَ جي حق کان ڇو محروم؟ ؛عبدالجبار خاصخيلي

اسلامي شريعت جي مطابق مرد ۽ عورت کي برابر حق آهن، انهن سڀني حقن کان علاوه جيئن هڪ مرد جڏهن بالغ ٿئي ته سندس شادي لاءِ ڪا ڇوڪري ڳولهي ويندي آهي، ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جي ٻن خاندانن جي طرفان رشتو طئي ڪرڻ کانپوءِ شادي جون تياريون ڪري ٻنهي جو اسلامي شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪرايو ويندو آهي يعني اهو حڪم خدا جي طرفان آهي جهن کي شرعي حڪم چيو وڃي ٿو. ان حڪم کي نه مڃيندڙ منڪر آهي. شادي هڪ اهڙي رسم ۽ هڪ اهڙو رشتو آهي، جيڪو ازل کان يعني حضرت آدم ۽ ڏاڏي حوا کان اهو سلسلو هلندو پيو اچي. حضرت آدم عليه السلام ۽ ڏاڏي حوا جو نڪاح الله تعاليٰ پاڻ ڪرايو هو. ان کانپوءِ حضرت آدم ۽ بيبي حوا جن کي زمين تي لاٿو ويو ۽ ان مان جيڪو نسل پيدا ٿيو ۽ اڳي دنيا ۾ جيڪي به نبي آيا انهن پڻ نڪاح جي ذريعي شاديون ڪيون پر جڏهن اسلام جي اچڻ کان اڳ عربن ۾ عورتن جون شاديون ڪرائڻ تي کين غيرت ايندي هئي، هو پنهنجي نياڻين جون شاديون ڪري ڪنهن کي ڏيڻ کي پنهنجي بي عزتي محسوس ڪندا هئا. تنهن ڪري ان زماني ۾ جنهن کي ڪا نياڻي پيدا ٿيندي هئي ته ان  معصوم نياڻي کي جيئري ئي کڏ کوٽي زمين ۾ زنده دفن ڪري ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي اسلام وڌڻ لڳو ته پوءِ عورتن ۽ نياڻين کي دنيا ۾ جيئڻ جو حق ملي ويو. اسان جي نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن پڻ پنهنجي نياڻي جي شادي ڪرائي ۽ مسلمانن کي پڻ تلقين ڪيائون ته ”پنهنجي نياڻين جو نڪاح ڪرايو ۽ کين جيئري ئي زمين ۾ نه پوريو، اهو وڏو گناهه آهي“ اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي پوري امت شريعت محمدي موجب مرد ۽ عورت جو پاڻ ۾ نڪاح ڪرڻ لازمي آهي. اڄ تائين مسلم امت ۾ ان رسم مطابق مرد ۽ عورتن جون شاديون ڪرايون وڃن ٿيون. قرآن پاڪ ۾ پڻ ان حوالي سان هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن جو مفهوم آهي ته ”عورتن کي شادي کان محروم رکي قتل نه ڪريو، اهو عمل به قتل جي برابر گناهه آهي“. اڳوڻي زماني ۾ ماڻهو نياڻين کي زنده پوريندا هئا. ان جا ٻه سبب هوندا هئا:

  1. اسان نياڻي کي پالي وڏو ڪري ان کانپوءِ پنهنجي گهران ڏاج ڏئي ڪري ٻي جي حوالي ڇو ڪريون.
  2. آئون وري پنهنجي نياڻي فلاڻي کي ڪيئن ڏيان اهو منهنجي شان جي برابر ناهي.

انهن ئي سببن جي ڪري نياڻي جو حق ماريو وڃي ٿو جو انهن کي ويهاري ڪري انهن جا حق غصب ڪيا وڃن، جيڪو ڪبيره گناهه آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ”نڪاح ڪرڻ سنتن مان هڪ عمل آهي، جنهن ان تي اعتراض ڪيو، اهو منهنجي امت مان ناهي.“

پراڻي زماني جي بزرگن مان هڪ قصو هن طرح اچي ٿو ته هڪ الله واري شخص پنهنجي گهرواريءَ کي چيو هو ته جڏهن منهنجي نياڻي بالغ ٿئي ته مون کي ٻڌائجو ته جيئن مان هن جي شادي ڪرايان پر ان شخص جي گهرواريءَ پنهنجي مڙس کي هڪ ڏينهن گذرڻ بعد ٻڌايو ته نياڻي بالغ ٿي چڪي آهي ان شخص زال کان پڇيو ته ڪڏهن بالغ ٿي آهي، گهرواريءَ کيس ٻڌايو ته هڪ ڏينهن ٿي چڪو آهي. هُن الله واري پنهنجي ڌيءَ جي جوڙ جي هڪ حافظ قرآن سان شادي ڪرائي، ڪجهه ڏينهن کان بعد ۾ هُو پنهنجي ڌيءُ وٽ ويو ۽ چيائنس ته نياڻي مون کي معاف ڪر، مون کان هڪ غلطي ٿي آهي، ڌيءَ اسرار ڪيو ته بابا ٻڌايو ته ڪهڙي غلطي ٿي آهي، پيءُ چيس ته ڌيءَ پهرين معاف ڪر ته پوءِ ٻڌائيندس، ڌيءَ معاف ڪيس پوءِ پڇيائينس ته پيءُ جواب ڏنو ته تنهنجي شادي بالغ ٿيڻ کان هڪ ڏينهن بعد ۾ ڪرائي اٿم. ان تي ڌيءَ جواب ڏنو بابا جيڪڏهن اڳ ۾ ٻڌائين ها ته اصل معاف نه ڪريان ها. هڪ حديث ۾ آهي ته حضرت علي رضه کي ٽي وصيعتون فرمايون ويون:

(1) جڏهن نماز جو وقت ٿي وڃي ته دير نه ڪجو.

(2) جڏهن جنازو تيار ٿي وڃي ته ان کي جنازي نماز بعد فوري طور دفنايو وڃي.

(3) جڏهن نياڻي بالغ ٿي وڃي ته ان جي جوڙ جو مرد ڳولهي سندس شادي جلد ڪرائي وڃي.

هتي خاص لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جي معاشري ۾ جيڪو طبقاتي نظام موجود آهي ان طبقاتي نظام ۾ امير ۽ غريب ۾ جيڪو فرق رکيو پيو وڃي جنهن سان اڄ جي جديد ۽ ترقي واري دور ۾ پڻ ڪيترن ئي خاندانن ۾ ويچارين نياڻين ۽ عورتن کي شادي جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، انهن خاندانن جو ذڪر ڪندو هلان ته جنهن ۾ خاص مير، پير، سيد خاندان ۽ ان کان علاوه ڪجهه ٻيون اهم شخصيتون، سردار ۽ ڪي وڏيرا شاهي گهرڻا آهن جيڪي موجوده دور ۾ نياڻين کي تعليم پڻ ڏيارين ٿا پر اهي مٿي ذڪر ڪيل خاندان اڄ به پنهنجي نياڻين جون شاديون نه ٿا ڪرائين. شاديون نه ڪرائڻ جا ڪجهه سبب هيءَ به آهن ته اهي خاندان پنهنجي خاندان کان علاوه ٻين غيرن ۾ پنهنجي ڇوڪري (نياڻي) جي شادي ڪرائڻ کي پنهنجي گهٽتائي يا بي عزتي سمجهن ٿا، ڪجهه وري ڇوڪرين جون شاديون ٻاهرين خاندانن ۾ ان ڪري به نٿا ڪرائين ته ڇو جو سندن اباڻيون ملڪيتون آهن، جن مان عورتن کي ورثي طور حصو ڏيڻو پوي ٿو. يعني پنهنجي ملڪيتن کي بچائڻ خاطر هو ڇوڪرين جون شاديون نه ٿا ڪرائين، جنهن سبب اُهي نياڻيون، ڇوڪريون، عورتون، سڄي زندگي وڏين وڏين محلاتن ۽ ڪوٽن ۾ گذاري يا ته عمر رسيده يعني پوڙهيون ٿيو مريو وڃن پر سندن کي اهو شريعت محمدي موجب شادي جي حق ۽ نعمت کان هميشه لاءِ محروم رکيو وڃي ٿو. سندن حُسن ۽ جواني جيڪو قدرت واري کين عطا ڪيو آهي سو ڪوٽن ۽ محلن جو کاڄ بڻجيو ختم ٿيو وڃي، جيئن هر مرد جي خواهش هوندي آهي ته کيس هڪ سهڻي ۽ سٺي زال ملندي، کيس مٺڙو اولاد ٿيندو، هڪ سٺو گهراڻو هوندو. اهڙي طرح سان نياڻي جون آسون اُميدون، خواهشون ساڳيون ئي هونديون آهن. هتي چوڻ جو مقصد هيءَ آهي ته هر حڪومت پنهنجي دور ۾ عورتن جي حقن جي ڳالهه ته ڪري ٿي مشرف جي دور ۾ پڻ عورتن جي حقن جون ڳالهيون ۽ قانون سازي ڪئي وئي ۽ موجوده دور حڪومت پڻ عورتن جي حقن جي قانون سازي ڪرڻ جي باري ۾ ڪوششون وٺڻ جو چئي ٿي ۽ ان کان علاوه اسيمبلين مان عورتن جي حقن جي لاءِ قانون سازي ۽ بل منظور ڪرايا پيا وڃن تنهن کانپوءِ عورتن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ عورتن جي مختلف تنظيمن ۽ اين جي اوز جا ادارا ۽ انهن ۾ عورتن جي حقن جي نمائندگي ڪندڙ عورتون پڻ ڪوشان آهن پر اڄ تائين مون پنهنجي زندگي ۾ اهو نه ٻڌو ته پاڪستان يا خاص ڪري سنڌ ۾ ته عورتن جي مائٽن طرفان عورتن جون شاديون ڇو نه ٿيون ڪرايون وڃن اهي ڇو محلن ۾ قيد آهن؟ انهن ڪڌن ڪارنامن خلاف ڪو آواز ڇو نه ٿو اٿاري؟ ڇا اهو انهن محل ماڙين ۾ ڪوٽن ۾ قيد عورتن جي شريعت محمد مطابق حق تلفي نه ٿي ٿئي؟ ڇا انهن جون شاديون نه ڪرائيندڙ سردار، وڏيرا، پير، مير پاڻ ته چار چار شاديون ڪري رهيا آهن، هنن کي جيڪا عورت وڻي وئي ان سان شادي ڪن ٿا. ڪي ته ٻاهران ملڪن مان پڻ پسند جون شاديون ڪري اچن ٿا، ڪي ته اهڙا به جيڪڏهن کين غير مسلم عورت پسند اچي وئي ته هن کي مسلمان به ڪري شادي ڪن ٿا. اڄ به سنڌ اندر پنهنجي نياڻين، عورتن، ڀينرن کي شرعي شادي نه بلڪه قرآن سان شادي ڪرائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. اهو وڏو ڏوهه آهي ۽ اها تمام ڪريل ۽ غير اخلاقي، غير مذهبي ۽ غير شرعي حرڪت آهي، ان قسم جو رواج سنڌ ۾ اڄ به موجود آهي وڏن وڏن گهراڻن ۾ نوجوان عورتن نياڻين سان اهو ظلم ۽ زيادتي ٿي رهي آهي ان لاءِ سرڪار ۽ ٻيون جيڪي عورتن جون تنظيمون آهن سي عورتن سان ٿيندڙ اهڙين زيادتين جو نوٽيس وٺن ته سنڌ جي جن به خاندانن ۾ عورتن کان شادي جو حق کسيو پيو وڃي، ان خلاف سڄاڻ، ادبي ڌريون، قانوني ماهر، مذهبي اڳواڻ، اسيمبلين مان پڻ اهڙو قانون ۽ بل پاس ڪرائين ته جيئن ان کانپوءِ ڪنهن به گهراڻي ۾ عورت کان سندس شرعي حق کسي نه سگهجي ۽ ان جي خلاف ورزي ڪندڙن کي قانون جي ڀڃڪڙي جي ڏوهه جي سزا ملي ته جيئن آئنده ڪا به نياڻي شادي جي حق کان محروم نه رهي. جيئن هينئر تازو هڪ اسيمبلي مان ننڍي عمر ۾ شادي خلاف بل قانون پاس ڪرايو ويو آهي، اهڙي طرح عورتن کي شادي جي حق لاءِ پڻ بل منظور ڪرايو وڃي. اسلام حقوق العباد جي باري ۾ تمام سختي سان عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙي طرح حقوق العباد مطابق دين اسلام عورتن جي حقن جي باري ۾ حڪم ڏنو آهي ته عورتن تي تشدد ڪرڻ مال ۽ ملڪيت ۾ حصو نه ڏيڻ ۽ کين شادي جي حق کان محروم رکڻ کي وڏو ڏوهه قرار ڏيندي چيو آهي ته عورتن جي شادي نه ڪرائڻ قتل جي برابر ڏوهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *