اسلام آباد(شوبز نيوز)ڪرنسي اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار ماڊل ايان علي اڊيالا جيل ۾ مزي سان آهي ۽ ان کي ڪابه پري ساني ناهي، ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ماڊل جي وزن ۾ به 3 کان 4 ڪلو اضافو ٿي ويو آهي ان لاءِ ايان علي جيل اختيارين کان ورزش جون مشينون فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، هوڏانهن ايف بي آر جي ترجمان شهاد حشين اسد نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪسٽم ۽ انڪم ٽيڪس اختياريون ايان علي جي اثاثن جي جاچ ڪري رهيا آهن، قانوني طور تي 10 هزار ڊالر کان وڌيڪ ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي.