ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي ميڊيا مطابق 2011ع ۾ شادي کان پوءِ فلمي شعبي کي الوداع ڪرڻ واري اداڪاره لارا دتا هڪ دفعو ٻيهر فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي ۽ پرڀو ديوا جي هدايت ۾ ٺهندڙ فلم “سنگ اس بلنگ” ۾ اداڪار اڪشي ڪمار سان گڏ نظر ايندي، ان حوالي سان اداڪاره سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجن مداحن کي پيغام ۾ چيو آهي، ته هو فلم“ سنگ اس بلنگ” ۾ خاص ڪردار ۾ نظر ايندي، جيڪا ان جي مداحن کي پسند ايندي.