برسبين (اسپورٽس نيوز)يارهين آءِ سي سي ورلڊڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ اربع تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي. ان سلسلي ۾ اربع ڏينهن تي ميچ پول بي جون ٽيمن آئرلينڊ ۽ يو اي اي وچ ۾ آسٽريليا جي مشهور شهر برسبين ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ شاندار هوندي. اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق صبح جو ساڍي اٺين شروع ٿيندي. واضح رهي ته ميگا ايونٽ جي مين رائونڊ جي پهرين ڪوارٽر فائينل ميچ 18 مارچ تي کيڏي ويندي.