نئين دلي(شوبز نيوز)آمريڪي صدر بارڪ اوباما به بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جو مداح نڪتو ۽ پنهنجي ڀارتي دوري دوران هڪ تقريب ۾ هن شاهه ر خ جو فلمي ڊائلاگ به چوندو رهيو، ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق ڀارتي دوري تي آيل آرميڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي دوري دوران نئين دلي جي ٽائون هال ۾ خطاب ڪندي هندي ٻولي ۾ ڪنگ خان جي فلم دل والي دلهنيا لي جائينگي جو ڊائيلاگ سينوريٽا بڙي بڙي ديشون ۾ ايسي ڇوٽي ڇوٽي باتين هوتي رهتي هين چوڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته هو صرف سينوريٽا بڙي بڙي ديشون ۾ ئي چئي سگهيو.