اسحاق ڊار پيٽرول بحران کي حڪومت خلاف گهري سازش قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايئن لڳي ٿو ته پيٽرول جو بحران حڪومت خلاف سازش آهي جنهن جو پتو لڳائڻ گهرجي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران وفاقي خزاني واري وزير جو چوڻ هو ته پيٽرول بحران تي ڪيل ڳالهيون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن پاڻي ۽ بجلي جي وزارت جي بلن جي ادائيگي اسان جي پهرين ترجيح آهي، خزاني واريوزارت تيل جي خريداري جي ذميوار ناهي، پي ايس او کي غير ذميواري به خزاني واري وزارت تي نه ٿي وجهي سگهجي، پيٽروليم بحران ۾ رقم جي فراهمي جو ڪوبه معاملو ناهي، خزاني واري وزارت پي ايس او جي هڪ روپئي جي به قرضي ناهي،هو مڃن ٿا ته ڪنهن به شعبي ۾ ڪنهن غفلت يا بدانتظامي جو ذميوار سڌو سنئون ان جو سربراهه هوندو آهي، پيٽرول جي بحران ۾ بدانتظامي ٿي آهي، تيل جي ڪمپنين تيل جو ذخيرو ناهي رکيو،  جن ادارن ذميواري پوري ناهي ڪئي انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پيٽروليم وارو وزير ان بحران بابت سمورا رڪارڊ جمع ڪرائي رهيو آهي ايئن لڳي ٿو ته هن بحران ذريعي حڪومت خلاف گهري سازش ٿي آهي، جنهن جو جلد کان جلد پتو لڳائڻ گهرجي، اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته هن وقت بجلي جي مد ۾ قوم کي 480 ارب روپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي اسان کي پنهنجي خساري تي قابو آڻڻ پوندو، اسان کي ترقياتي منصوبا ختم ڪري سبسڊي ڏيڻ جي روش کي ختم ڪرڻو پوندو، بجلي جي سرڪلر ڊيٽ جي مد ۾ ڏنل رقم جو رڪارڊ موجود آهي ۽ ان جو آڊٽ به ٿي چڪو آهي، هن جو چوڻ هو ته جهانگير ترين طرفان لکيل خط هن کي جاپان ۾ مليو آهي تحريڪ انصاف جا اڳواڻ حقيقتن تي ٻڌل ڳالهه ڪن ته اسان کي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ ۾ ڪوبه مسئلو ناهي پر آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڪنهن ڳالهه کي قبول نه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *